قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته موجوده چيف جسٽس کان پوءِ جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻجندو، آئيني رستو اهوئي آهي، ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل هئي پر انهن تڏهن به عدليه بابت ڪابه ترميم منظور نه ڪئي. هن چيو ته چيف جسٽس مون سان ملاقات ۾ پاڻ چئي چڪو آهي ته عهدي ۾ واڌ نٿو چاهيان، هن چيو ته حڪومت جيڪا به قانونسازي ڪري ٿي اپوزيشن پارٽين ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشوري کان پوءِ ڪندي آهي، ججز چونڊيندڙ پارلياماني ڪميٽي جي اختيارن ۾ اضافي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. قانون واري وزير چيو ته موجوده چيف جسٽس کان پوءِ جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس بڻجندو، آئيني رستو اهوئي آهي ٻئي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جسٽس منصور علي شاهه آئيني پيڪيج تي مشاورت جي دوران چيو هو ته پارليامينٽ کي اختيار آهي، پارليامينٽ جيڪو به فيصلو ڪندي جيڪڏهن اهو آئين ۽ قانون جي اختيار ۾ هوندو ته اسان کان پڇڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.