جلسو ملتوي ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ مون سان رابطو ڪيو هو: علي امين گنڊاپور

 خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته 22 آگسٽ تي اسلام آباد جو جلسو ملتوي ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان فون تي ڳالهائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسلام آباد جو جلسو ملتوي ڪرڻ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ مون سان رابطو ڪيو هو. مون سان اسٽيبلشمينٽ هيٺين سطح تي رابطو نه ڪيو  مان وڏو وزير آهيان ته مون سان انهي ليول جو رابطو ٿيو. علي امين گنڊاپور چيو ته 22 آگسٽ تي مون جلسو ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته مون پي ٽي آءِ باني سان به فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته مون چيو هو ته پي ٽي آءِ باني کي مون وٽ وٺي اچو يا پوءِ منهنجي ان سان وڊيو ڪال تي ڳالهه ٻولهه ڪرايو. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 22 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ جلسي جو اعلان ڪيو هو. پر 22 آگسٽ جي صبح اعظم سواتي چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي ڪارڪنن سخت ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو هو انهي معاملي تي عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان به پي ٽي آءِ اڳواڻن تي سخت تنقيد ڪئي هئي.