اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي جي يو آءِ سربراهه کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

 اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي جي يو آءِ سربراهه کي سڀاڻي(خميس) تي 10 وڳي طلب ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. اليڪشن ڪميشن موجب جمعيت علماءِ اسلام انٽرا پارٽي چونڊون مڪمل نه ڪيون ۽ نه ئي وري سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو. ان حوالي سان جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان طلبي واري نوٽيس جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ جي يو آءِ وڪيلن جو پينل سڀاڻي پيش ٿيندو.