پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن کي انٽيليجنس جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ واقعا انٽيليجنس جي ناڪامي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ماحول بڻجي ويو آهي اهو نه بلوچستان جي حق ۾ آهي ۽ نه پوري پاڪستان جي حق ۾. شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ 1400 ڪلو ميٽر جي وچ ۾ پلاننگ سان حملا ڪيا ويا، گهرو وزير ٻڌائي ته آخر ملڪ ۾ ٿي ڇا رهيو آهي. هن چيو ته امن امان جو سڌو سنئون تعلق معيشت سان آهي، اهڙين حالتن ۾ ڪير ملڪ ۾ سرمائيڪاري ڪندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته تشدد جو رستو نٿا چاهيون، معاملن کي سياسي طور تي حل ڪيو وڃي.