ڪمشنر سکر فياض علي عباسي جي صدارت هيٺ تعليم بابت اهم اجلاس ٿي گذريو، پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو ورتو ويو

  سکر جي ڪمشنر آفيس ۾ تعليم بابت هڪ گڏيل  اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارت ڪمشنر سکر فياض علي عباسي،  ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايم اينڊ اي زين العابدين انصاري ڪئي. ڪوٺايل اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايم اينڊ اي مسٽر غازي خان مهر، هادي بخش کوکر، عزيز الرحمان عباسي، ايس ٽي بي، ڊائريڪٽر، سي ايم اوز، ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز شامل هئا. ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪتاب ورهائڻ، غير حاضر استادن، شاگردن جي نئين داخلائن، استادن جي مقرري جي آرڊرن جي صورتحال بابت بحث ڪيو ويو. اجلاس دوران مفت ڪتاب ورهائڻ جي حوالي سان پيش ايندڙ چيلنجز تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان درسي ڪتاب ورهائڻ واري ڪم ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين. مفت درسي ڪتابن ورهائڻ دوران پيش ايندڙ چيلنجز کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي غير حاضر استادن جي حاضري سان لاڳاپيل مسئلن ۽ ان جي امڪاني حل جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شاگردن جي داخلا بابت وڌايل حڪمت عملين جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نئين مقررين جي آرڊرن جي موجوده صورتحال به جائزو ورتو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ۾ بحث پڻ ڪيو ويو. اجلاس دوران تعليمي حوالي سان ماحولياتي ذميواري لاءِ پڻ غور ويچار ڪيو ويو. ان  موقعي تي ڪمشنر سکر چيو ته وڻڪاري مهم دوران اسان کي وڌ کان حصو وٺڻ گهرجي، وڻ لڳائڻ سان ماحوليات ۾ بهتري ايندي.