وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان گڏيل قومن ۾ افغانستان جي خاص نمائندي اندريڪا توت جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دهشتگردي جي تازن واقعن جي به پرزور مذمت ڪئي وئي. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي سربراهه مالڪ سيسي به شامل هو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت پهچڻ تي گڏيل قومن جي وفد جي آجيان ڪئي. گڏيل قومن ۾ افغانستان جي خاص نمائندي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي پرزور مذمت ڪئي، گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان اندر حملن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي ملوث هجڻ جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. محسن نقوي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي افغانستان مان حملن جي لاءِ افغانستان جي زمين استعمال ڪري رهي آهي، انهي کي هر صورت ۾ روڪڻو پوندو، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، قانوني دستاويزات رکندڙ ماڻهن جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ويزا ۽ ٻين قانوني دستاويزن کان سواءِ ڪنهن کي به پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. جلد افغان پناهگيرن جي واپسي جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪئي ويندي. محسن نقوي افغان پناهگيرن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن ۾ افغانستان جي خاص نمائندي افغان پناهگيرن ۽ دوحه ڊائيلاگ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي اندريڪا رتوت چيو ته افغان پناهگيرن جي مستقل بحالي تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.