انٽرا پارٽي چونڊون: جي يو آءِ اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ وقت گهري ورتو

جمعيت علماءِ اسلام(ف) انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ وقت گهري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ جي يو آءِ(ف) جي انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميشن ڪئي، جي يو آءِ طرفان مددگار وڪيل ڪميشن ۾ پيش ٿيو. مددگار وڪيل چيو ته جي يو آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون پهريان صوبن ۾ ٿي رهيون آهن، صوبن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن کان پوءِ وفاقي سطح تي ٿينديون، اسان لاڳاپيل ونگ کي درخواست ڏني آهي ته ٿورو وقت ڏنو وڃي، ڊي جي پوليٽيڪل فنانس چيو ته جي يو آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊن جو مدو 7 جولاءِ کان مڪمل ٿي چڪو آهي ٽائيم مڪمل ٿيڻ تي تنظيمي ڍانچو ختم ٿي ويندو آهي. خيبرپختونخواهه جي ميمبر چيو ته وقت ختم ٿيڻ تي جي يو آءِ جو تنظيمي ڍانچو ختم ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت جي ميمبر هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيو، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي اڄ طلب ڪيو هو.