سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سياست تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ميڊيا ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته هن وقت ملڪ جن حالتن مان گذري رهيو آهي، مان مشورو ڏيان ٿو ته سڀني سياستدانن کي گڏجي ڪجهه مهينن لاءِ سياست تي پابندي لڳائڻ گهرجي ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن، جڏهن اسان معاشي طور مستحڪم ٿيندا آهيون ته بلوچستان جهڙا واقعا پيش ايندا آهن.