سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ طوفان جو الرٽ جاري، ڪراچي سميت ٻين ضلعن ۾ اڄ به تيز برسات جو امڪان

مون سون جو طاقتور اسپيل طوفان ۾ تبديل، موسميات کاتي ٽراپيڪل سائيڪلون جو ٽيون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڊيپ ڊپريشن رڻ ڪچ ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ موجود آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته طاقتور سسٽم آهستي آهستي حرڪت ڪندو اولهه ۽ ڏکڻ طرف وڌي رهيو آهي، سسٽم ڪراچي جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر کان 250 ڪلوميٽر پري آهي. ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان 19ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلڻ لڳيون هوا ۾ گهم جو تناسب 83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته هي سسٽم اولهه ۽ ڏکڻ_اولهه طرف وڌيڪ حرڪت ڪندو رهندو، اهو سسٽم پنهنجي شدت برقرار رکندي اڄ تائين سنڌ جي ساحلي پٽي ڀرسان اچي سگهي ٿو. هن چيو ته جتي سازگار موسمي حالتن سبب ٿوري وقت لاءِ سامونڊي طوفان ٺهي سگهي ٿو، اُن کي اَسني جو نالو ڏنو ويندو، هن دفعي ٺهندڙ سامونڊي طوفان جو نالو پاڪستان پاران رکيو ويندو، پاڪستان پاران تجويز ڪيل نالي اَسنـِي جي معنيٰ بُلند تَر آهي.