سنڌ حڪومت گهريلو بجلي صارفين کي رليف جو وڏو پلان تيار ڪري وفاق حوالي ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجلي جي گهريلو صارفين کي رليف ڏيڻ جو وڏو منصوبو وفاقي توانائي واري وزير اويس لغاري جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب کان پوءِ سنڌ حڪومت به بجلي جي گهريلو صارفين کي رليف ڏيڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي. منصوبي ۾ 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي رليف ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير پيڪ آور چارجز ۽ مختلف سليبز ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي سستي ٿيندي ته طلب وڌندي. اضافي بجلي به استعمال ۾ آندي ويندي. سرڪاري پڌرائي موجب سنڌ جي وڏي وزير اها تجويز وڊيو لنڪ تي وفاقي توانائي واري وزير اويس لغاري  سان ڳالهيون ڪندي پيش ڪئي. مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير گهٽ آمدني وارن بجلي صارفين کي رليف ڏيڻ جي تجويز تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته وڏي وزير چيو ته 300 کان 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهٽ آمدني وارن صارفين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وڃي.