پيٽروليم شين جي اسمگلنگ سبب ملڪ کي ساليانو هڪ ارب ڊالر جي نقصان جو انڪشاف ٿيو آهي. زميني ۽ سامونڊي رستن تان روزاني تقريبن 10 ملين ليٽر پيٽروليم شيون اسمگلنگ ڪيون وينديون آهن جيڪا پاڪستان جي سالياني کپت جو 20 سيڪڙو بڻجن ٿيون. او سي اي سي(آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪونسل) طرفان اوگرا چيئرمين کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي او ايل شين جي اسمگلنگ ۾ اضافي سبب ملڪ جي تيل صنعت کي سنگين خطرا پيدا ٿي ويا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن ملڪ ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ ايم ايس(موٽر اسپرٽ) جي جائز وڪرو تي حڪومتي شين جي وصولي کي به خطري ۾ وڌو ويو آهي. او سي اي سي خبردار ڪيو آهي ته سخت ۽ وقت تي قدم نه کڻڻ سبب پيٽروليم شين جي اسمگلنگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. فوري طور تي ڪارروائي جي ضرورت آهي.