معيشت جي مضبوطي ۽ بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو ڪنداسين: نوازشريف

 پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ(ن) جو مشاورتي اجلاس ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ملڪي سياسي معاملا ۽ بجلي صارفين کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته پنجاب ۾ نئين مڪاني نظام جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته معيشت کي پيرن تي بيهارڻ اولين ترجيح آهي پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين عوام کي مهانگائي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. نوازشريف چيو ته عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ  جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو ڪنداسين. (ن) ليگ ئي عوام کي بجلي جي ڳرن بلن مان ڇوٽڪارو ڏياريندي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف نئين حڪومتي معاشي پاليسي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني.