پريالوءِ ۾ برسات پوڻ بعد ڪيترائي گهر ۽ ديوارون ڪمزور . پريالوءِ ۾ فوت ٿيل ميت جنازو کڻي ويندڙ ڪاندي مٿان گهر جي ديوار ڪري پئي . ڪيترائي ڪانڌي دٻجي ويا . ٻن ڄڻن کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو. اسپتال منتقل .تفصيل موجب پريالوءِ ۾ مسلسل برسات پوڻ بعد ڪيترائي گهر ڪمزور ٿي ويا . شهر جي مارڪيٽ پاڙي ۾ فوت ٿيل ويل شهري جو مڙهه قبرستان ڏانگن دفنائڻ لاءِ ميت کي کڻي ايندڙ ڪانڌين مٿان گرلس هاءِ اسڪول وٽ گهر جي ديوار اوچتو ڪانڌين.مٿان ڪري پئي جنهن ديوار هيٺان ڪيترائي ڪانڌي دٻجي ويا ان موقعي تي موجود ماڻهن ٻن ڪانڊين شعيب احمد ڌاريجو ۽ محمد حنيف ميتلو کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻين جي ڳولها جاري آهي