ٺڪراٺو لڳ پورهيت کي سندس ئي برادري جي بااثر ماڻهن گهر ۾ گهڙي ڪري گهر ۾ موجود عورتن ۽ پاڻ تي تشدد ڪري زخمي

ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ ڄام دلوش مھتم جي رهواسي پنهنجي پيرسن امڙ ۽ ڀيڻ سميت ٺڪراٺو پريس ڪلب پھچي بااثر مائٽن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪري انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبوڪيو احتجاج ڪندڙ پورهيت شير باز مهتم مبينا الزام هڻندي چيو ته بااثر علي حسن ،منصور احمد، ظھور احمد مهتم ۽ ٻين منهجي گهر ۾ گهڙي ڪري مون تي ۽ منهنجي عورتن تي تشدد ڪري مارڪٽ ڪئي آھي جنهن جي رپورٽ مبارڪپور ٿاڻي تي پهچي داخل ڪرائي آهي پر مبارڪپورپوليس ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ بدران اسان کي ڌڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو پوليس ڪا مدد نه پئي ڪري بااثرن جي وانگار وهي ٿي اسان کي بااثر مائٽ جان کان مارڻ سميت ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ٻي پاسي الزام هيٺ آيل منصور احمدمهتم سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته هي ماڻھو اسان جي ڳوٺ جو ماحول خراب ڪري جوا جو اڏو قائم ڪري ڇڏيو جنهن کي روڪڻ تي اسان مٿان الزام پيا مڙھن ھوڏانھن ايس ايڇ او مبارڪپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاڻ ۾ مائٽ آھن معمولي ڳالھُ تان جهيڙو ٿيو هو جڏھن هنن کي رپورٽ درج ڪرائڻ لاء چيو آھي پر هو نٿا اچن مظاهرين ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي