سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي: صدر ۽ وزيراعظم طرفان ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم

 صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف حريت پسند ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي تي پنهنجي پيغامن ۾ چيو آهي ته سيد علي گيلاني ڪشمير جي تحريڪ آزادي جي معتبر نالي جي طور تي هميشه ياد رکيو ويندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. پاڪستان ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي لاءِ پنهنجي اخلاقي سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميري تحريڪ جو عظيم اڳواڻ هو، سيد علي گيلاني جو عوام جي حق خوداراديت تي يقين پڪو هو ۽ هن پوري زندگي انهي مقصد جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. شهباز شريف اهو به چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي ۽ سيد علي گيلاني جي خود اراديت جي جدوجهد لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. قيد جون تڪليفون سيد علي گيلاني جي ارادن کي ڪمزور نه ڪري سگهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سيد علي گيلاني جون قربانيون رائيگان نه ويندوين، ڪشميرين جي حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ تائين سندس جدوجهد کي جاري رکيو ويندو ۽ پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.