پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر لطيف کوسي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي خبردار ڪندي مشورو ڏنو آهي ته حڪومت جي ٻڏندڙ ٻيڙي جو جيڪو به ساٿ ڏيندو اهو پاڻ به ٻڏي ويندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ لطيف کوسي چيو ته حڪومت وٽ مولانا فضل الرحمان کي ڏيڻ لاءِ آهي ڇا؟ اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان حڪومت جو ساٿ ڏئي سياسي خودڪشي نه ڪندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني سميت ڪنهن به سويلين جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪرڻ چاهي ٿي ته پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن پارٽي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي، ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. انهي کان اڳ صدر آصف علي زرداري به مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي تفصيلي ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ موجود هو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ملاقات ۾ موجود ذريعي ٻڌايو ته جي يو آءِ ۽ حڪمران اتحاد وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿي رهيا آهن. آصف علي زرداري رياست جي سربراهه جي طور تي ملاقات جي لاءِ آيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو صدر سان گڏ ملاقات جي لاءِ اچڻ ثبوت آهي ته رياست جي يو آءِ جي خدشن کي سنجيده وٺي رهي آهي.