76

هوم گرائونڊ تي تاريخي شڪست: بنگلاديش پهريون ڀيرو پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

بنگلاديش پاڪستان کي راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ پاڪستان کي سيريز ۾ تاريخي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي. بنگلادش سيريز ۾ 0-2 تان وائيٽ واش ڪيو، پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ ۾ ٻيون ڀيرو پنهنجي زمين تي مخالف ٽيم هٿان وائيٽ واش کي منهن ڏيڻو پيو آهي. بنگلاديش ٻئي ميچ آساني سان کٽي ورتا، ٻئي ٽيسٽ ۾ 185 رنسن جي حدف پٺيان مهمان ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي حدف حاصل ڪري ورتو. بنگلاديش جو لٽن داس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هن پنهنجي ٻئي اننگز ۾ 138 رنسون اسڪور ڪيون هيون. بنگلاديش جي مهدي حسن کي ميراز پليئر آف دي سيريز  قرار ڏنو ويو جنهن سيريز ۾ 155 رنسون ٺاهيون ۽ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون. برسات ۽ خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند جلد  ختم ڪئي وئي هئي اڄ مهمان ٽيم پنهنجي اننگز 42 رنسن کان اڳيان وڌائي. انهي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند برسات سبب ملتوي ڪئي وئي هئي ۽ ٽاس به نه ٿي سگهيو هو. پوءِ ٻئي ڏينهن پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 274 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 262 رنسون ٺاهيون، 12 رنسن جي خساري ۾ هلي وئي هئي. انهي کان پوءِ پاڪستاني ٽيم 12 رنسن جي برتري سان پنهنجي ٻئي اننگز اڳيان وڌائي جيڪا 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن کان پوءِ بنگلاديش کي ميچ کٽڻ جي لاءِ 185 رنسن جو حدف مليو. ياد رهي ته انهي کان اڳ راولپنڊي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ به بنگلاديش قومي ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو