بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اختر مينگل چيو ته اڄ اسيمبلي مان استعيفيٰ جو اعلان ڪريان ٿو، اها ڳالهه مون ڪنهن کي به ناهي ٻڌائي پر اڄ هن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي رهيو آهيان. هن چيو ته مان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، بلوچستان جون حالتون ڏسي فيصلو ڪري آيو هئس، مان رياست، صدر ۽ وزيراعظم تي بي اعتمادي جو اعلان ڪريان ٿو، پوري نظام تي بي اعتمادي ڪري رهيو آهيان. اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي معاملي تي ماڻهن جي دلچسپي نه آهي، مان پنهنجن ماڻهن جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، جڏهن به انهي مسئلي تي ڳالهايان ٿو ته بليڪ آئوٽ ڪيو ويندو آهي. ملڪ ۾ صرف نالي جي حڪومت رهجي وئي آهي، انهي سياست کان بهتر آهي ته مان پڪوڙن جي دوڪان کولي وٺان. 65 هزار ووٽرز مون کان ناراض ٿي ويا، انهن کان معافي گهران ٿو. بي اين پي جي سربراهه پنهنجي استعيفيِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي جتي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري انهي کي وصول ڪيو. ياد رهي ته اختر مينگل اين اي 256 خضدار مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجو هو