اسلام آباد جلسو: پي ٽي آءِ قيادت جي خلاف 3 ڪيس داخل

 اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جو جلسو وقت  تي ختم نه ڪرڻ پوليس تي پٿراءُ ۽ روٽ جي ڀڃڪڙي تي منتظمين جي خلاف 3 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. رپورٽ موجب پرامن اجتماع ۽ امن امان جي بل تحت پهريان 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي پي ٽي آءِ قيادت جي خلاف داخل ٿيل آهن.  پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جلسي جي منتظمeن خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پهريون ڪيس سنگجاڻي ٿاڻي ۾ جلسي جي مقرر وقت جي پاسداري نه ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو. ٻيو ڪيس سمبل ٿاڻي ۾ مقرر روٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي قافلا سادات ڪالوني ۽ سري نگر هاءِ وي تان آڻڻ تي داخل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب اهي طرح ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب اهڙي طرح ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو. ذريعن  ٻڌايو آهي ته وفاقي پوليس استغاثه تيار ڪري ورتو آهي ڪيسن ۾ زرتاج گل، عامر مغل، شعيب شاهين، عمر ايوب، سيمابينه طاهر ۽ راجا بشاورت سميت 28  مقامي اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. استغاثه موجب پوليس روٽ جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪيو جنهن تي ڪارڪنن طرفان پٿرن ۽ ڏنڊن سان پوليس تي حملو ڪيو ويو پوليس شيلنگ ڪئي ۽ موقعي تان 17 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.