پريالوءِ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامنيءَ ،پريالوءِ شهر جي رھواسي پاران مبينا ڀتو نه ڏيڻ تان شرپسندن زميندار توفيق نوهاڻي ،

پريالوءِ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامنيءَ ،پريالوءِ شهر جي رھواسي پاران مبينا ڀتو نه ڏيڻ تان شرپسندن زميندار توفيق نوهاڻي ، جي زمين ۾ گلاب جي گلن جه ٻوٽا ۽ پوکيل انبن جا ڪيترائي وڻ وڍي لکين روپين جو نقصان ڪري فرار ٿي ويا، متاثر زميندار صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڀتاخوري سبب سخت پريشان آھيون پوليس ڏوھارين کي ٻنجو ڏيڻ ۾ ناڪام آھي ۽ ڀتاخور شھرين کي مختلف طريقن سان نقصان ڏيئي پريشان ڪري رھيا آھيون جنھن سبب شھري لڏپلاڻ تي مجبور بڻجي چڪا آهن، شرپسند گذريل رات جو منهنجي زمين ۾ لڳل ڪيترائي گلاب جي گلن جا ٻوٽا ۽ انبن جا وڻ وڍي لکين روپين جو نقصان ڪري فرار ٿي ويا آھن، جڏھن ته اھڙو اطلاع پوليس کي پڻ ڏنو آھي پر پوليس ڪنھن به قسم جي ڪارروائيءَ ڪرڻ کان پاڻ کي آجو پئي سمجھي اسين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪريون ٿا ته بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي زميندارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن بيچيني ختم ٿي سگھي