اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 8 ايم اين ايز جو جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اٺ ئي ايم اين ايز کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز ڪيس جي ٻڌڻي هلائي. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ۾ چيو ته مون ڏٺو آهي ته جسماني رمانڊ جا سمورا آرڊرز هڪ جهڙا ئي آهن، رياست کي جواب ڏيڻ ڏيو ته اهڙو ڇا ٿي ويو هو جو 8-8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو ويو؟ هي ته اهڙو عمل آهي جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. چيف جسٽس اسيمبلي ميمبرز ۽ ٻين جي جسماني رمانڊ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي سڀني جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو.