سني تحريڪ جماعت اهل سنت پاران عيد ميلادالنبيﷺ جي سلسلي ۾ عظيم الشان ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ سوين عاشقان رسول جي هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي شرڪت مختلف ميزبان جماعت اهل سنت پاران ريلي تي گلن جي ورکا ريلي ۾ شريڪ عاشقن جا سرڪار جي آمد مرحبا ۽ يارسول الله جي نعرا گونجندا رهيا سني تحريڪ ء جماعت اهل سنت پاران هر سال جيان هن سال به جشن عيد ميلادالنبيﷺ جي پروقار ريلي ڪڍي ويئي ريلي جماعت جي معززين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ حبيب الله جتوئي فقير جي امان الله جتوئي فقير ڳوٺ رئيس بهادر خان چاچڙ جي فقير شوڪت علي چاچڙ عبدالخالق چاچڙ عبدالمالق چاچڙ گوليمار کان ڳوٺ شاهمراد خان بجاراڻي جي ظفر الله خان بجاراڻي سلمان خان بجاراڻي افضل چاچڙ ڳوٺ فقير ملان جيوڻ گولو جتي ريلي جي آجيان فقير يار محمد سهرياڻي فقير حافظ مظهر علي سڪندري شمس الدين سهرياڻي آفتاب احمد باجڪاڻي ٻين ڪئي ريلي جي پهچڻ تي ميزبانن پاران گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ريلي ۾ شريڪ مقررن آخري زمان نبي امان آمنه جي لال محبوب خدا حضرت محمد مصطفیٰﷺ جن جي سيرت مبارڪه ۽ مسلمانن لاء ڏسيل راھ جو شان بيان ڪيو ۽ نعت خوانن ۽ ٻين نعتون پڙهي حضور پاڪﷺ جن کي ڀيٽا پيش ڪئي ريلي پنهنجي روايتي روٽن جي مختلف ڳوٺن جي ريلي اختتام پذير مسجد نور مصطفي م ٿي تمام شهرين توڙي علائقي واسين دعوت ۾ ريلي ۾ شريڪ پروانن لاء لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو ريلي ۾ سوين عاشقان رسول جي موٽر سائيڪلن ڪارن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين ڊاسڪن ويگن تي چڙهي ريلي م شرڪت ڪئي وئي ۽ هر طرف مرحبا يا مصطفیٰ سرڪار جي آمد مرحبا ۽ يارسول الله يارسول الله جا نعرا گونجندا رهيا ريلي جي حوالي سان سيڪورٽي سخت ڪئي وئي ڪشمور ضلعي جي پوليس ء رينجرز جو مختلف چوڪن تي بيٺل هئا