سکر(بيورو رپورٽ) جمائت اسلامي سٽي سکر جي امير زبير حفيظ شيخ چيو آھي ته سئي گئس انتظاميا سکر جي نااهلي سبب سکر شھر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس بندش جاري آھي بدترين لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس جي فراهمي بند ڪئي پئي وڃي سکر ۾ سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي سئي سدرن گئس ڪمپني انتظاميا جي نااهلي سبب گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو وڌي ويو آهي. اهڙواظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو جمائت اسلامي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سکر جي پراڻي سکر، وسپور محلا، رائل روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، ڀوسا لائين، قريشي ڳوٺ، ريس ڪورس روڊ، مينارا روڊ، شاليمار، ڪوئنس روڊ، مياڻي روڊ،آبادلاکا سميت اڪثر علائقن ۾ صبح منجھند ۽ شام جو ماني پچائڻ وقت گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿي ويا آھن صعنتڪار ۽ گهريلو صارفين اڳ ئي بجلي جي اڻ هوند جا ستايل آھن ويتر سوئي گئس جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب گهريلو وهنوار کي متاثر ڪري ڇڏيو آھي سکر شھر واسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ گئس نه هجڻ سبب ڪاٺيون ۽ سلينڊر ٻارڻ تي مجبور آهي.شھري ڪيترائي ڀيرا سئي گئس انتظاميا کي شڪايتون ڪرڻ باوجود گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ناهي ٿي سگهيو جمائت اسلامي سٽي امير زبير حفيظ شيخ وزير اعظم پاڪستان ۔وفاقي وزير پيٽروليم ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر ۾ جاري گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي سلسلي کي فوري طور تي بند ڪرائي گئس صارفين کي پريشانين کان بچايو وڃي.
