اوٻاوڙو :رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنھن جي ڪڌي رسم ھيٺ ھڪ نوجوان نصير شر قتل

اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،، رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنھن جي ڪڌي رسم ھيٺ ھڪ نوجوان نصير شر قتل لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي واقعو ڪشمور ٿاڻي جي حد گھيلپور واري علائقي ۾ پيش اچڻ جو اطلاع مليو آهي اسان جي حد ناھي رائونتي پوليس،تفصيل موجب رائونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنھن جي ڪڌي رسم ھيٺ ھڪ نوجوان نصير ولد مانجھي شر قتل ٿي ويو آهي اھڙي واقعي بعد لاش کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوگ واري صورتحال ڇائنجي وئي ان سلسلي ۾ رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گھيلپور ٿاڻي جي حد ڪشمور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ پيش آيو آهي اسان جي حد ناھي

پنھنجي راءِ لکو