ڪنڌڪوٽ : رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ لڳ تيز رفتار ڪوچ ء ٽريڪٽر ٽرالي م زوردار ٽڪر 10 ڄڻا زخمي اسپتال داخل ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ڪوچ ڊرائيور گرفتار ،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي زور ڳڙھ وٽ تيز رفتار ڪوچ جو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي م شفيع محمد ڏاھاڻي گل بھار ڏاھاڻي سليمان ڏاھاڻي اخلاق ڏاھاڻي راضي ڏاھاڻي سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته زخمين کي فوري طور اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو جن مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري سکر منتقل ڪيو ويو پوليس ڪوچ جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
