اوٻاوڙو :کنڀڙا پوليس منشيات فروشن ، جوا ۽ آڪڙا پرچي وارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو ،اوٻاوڙو : کنڀڙا پوليس ڳجهي اطلاع تي پنھون مزاري ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪئي،اوٻاوڙو کنڀڙا پوليس : ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل جوابدارن پوليس موبائل ۾ ويهارڻ دوران پوليس کي ڏنڊا هڻي ڇڏائي ڪري گهر پهچي فائرنگ ڪئي ،اوٻاوڙو : پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، مگر ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۽ جوابددار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اوٻاوڙو : جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس موبائل جا شيشا ٽٽي پيا ۽ پوليس موبائيل کي نقصان پهتو،اوٻاوڙو : جنهن بعد پوليس جوابدارن مٿان کنڀڙا ٿاڻي تي جوا ايڪٽ تحت ۽ پوليس تي فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ، اوٻاوڙو : ڪيس ۾ نور حسن، رحمت الله، اميد علي عرف ياسين، گل حسن، فاروق، ذوالفقار سميت 8 ڄڻا شامل آهن
