ڪنڌڪوٽ : ڪنڌڪوٽ ويجھو ٺل انڊس ھاءِ وي تنگواڻي ٿاڻي جي حد مانجھي پل وٽ رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا تي سوار 15 ورھين جو نوجوان عاجز ميراڻي موقعي تي ھي فوت ٿي ويو جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو جتان لاش پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙھه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو،
