لاهور:ن ليگ کي عوامي عدالت مان فرار ٿيڻ نه ڏنو ويندو: فواد چوڌري

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته هو مسلم ليگ ن جي پيروي ڪندا ۽ ان کي عوام جي عدالت مان فرار ٿيڻ نه ڏيندا.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته اميد آهي ته ن ليگ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ استعمال نه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته خدشو آهي ته ن ليگ پنهنجي ساٿين جي مدد سان عوام جي عدالت مان فرار ٿي سگهي ٿي فواد چوڌري جو اهو به چوڻ آهي ته جمهوريت ۾ عوام کي حتمي فيصلا ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي، ان حق کي تسليم ڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو