لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ 24 ڏينهن اڳ پراڻي دشمني تان قتل ٿيل نوجوان الطاف گاد جي پيرسن والد منظور پنهنجي پيرسن منور خاتون، ڌيئرن رخسانه، روزينه ۽ مقتول جي معصوم ٻارن ممتاز ۽ ناديه گاد سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 8 مهينا اڳ بااثر افروز ڪيهر جي چرچ تي بااثرن منظور، غني، مشتاق ۽ لال بخش ڪيهر بيگناهه منهنجي پٽن الطاف گاد، اياز ۽ يوسف گاد کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي کين ماهوٽا پوليس هٿان گرفتار ڪرايو، جنهن ۾ منهنجا پٽ بيگناهه ثابت ٿيا ۽ گذريل 24 نومبر تي منهنجا ٽئي پٽ لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ مان ٻڌڻي تان واپس اچي رهيا هئا ته سول لائين ٿاڻي جي حد امروٽي مسجد وٽ بااثرن منظور، غني، مشتاق ۽ لال بخش ڪيهر بيگناهه منهنجي پٽ الطاف گاد کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن واقعي جو ڪيس اسان سول لائين ٿاڻي تي داخل ڪرايو ان تي پوليس ٻن جوابدارن افروز ڪيهر ۽ غني ڪيهر کي گرفتار ڪيو جيڪي جيل ۾ قيد آهن، جڏهن ته ٻيا جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن ۽ پوليس انهن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي ان مان ظاهر آهي ته پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري جيل ۾ قيد افروز ڪيهر ٻين جوابدارن سان گڏجي اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ اسين گهرن تائين محدود ٿي روزگار به نه ٿا ڪري سگهون. ايسيتائين جو اسان جا گهرڀاتي بکون ڪاٽي رهيا آهن. قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو توڙي ايس ايڇ او سول لائين سان ملاقات ڪئي پر هو به مدد لاءِ تيار ناهن.
هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
