ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي زبير نظير شيخ جي ھدايتن تي اي سيڪشن پوليس شالو واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري ڏوھارين جي ٿاڪن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو پوليس ڪاروائي ۾ اي پي سي چين، پوليس اٽالا شامل ھئا پوليس ڪاروائي ڪندي اغوا، ڦر، ڌاڙن سميت 16 ڪيسن ۾ گھربل 5 لک انعام رکيل ڏوھاري ارشو عرف ارشد سبزوئي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آھي انھي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي زبير نظير شيخ ٻڌايو ته پوليس پنهنجي حڪمت عملي سان آپريشن ڪري رھي آهي ڏوھارين جا ٿاڪ تباهه ڪيا آهن ھي ڪاروائي ڏوھارين جي خاتمي تائين جاري رھندو،
