لاهور: وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس: پنجاب حڪومت بچائڻ لاءِ هر قدم کڻڻ تي غور

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون ۾ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ليگي ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي فوري طورتي لاهور پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي رپورٽ موجب وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق، خواجه سلمان رفيق، ملڪ احمد خان، عطاءُالله تارڙ سميت ٻيا اهم اڳواڻ پارٽي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا اجلاس ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي مشاورت کان علاوه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان صوبائي اسيمبلي 23 ڊسمبر تي ٽوڙڻ جي حوالي سان(ن) ليگ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب (ن) ليگ جي اعليٰ قيادت پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي فوري طور تي لاهور پهچڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي ميمبر ايندڙ هفتي لاهور ۾ رهائش ڪندا. ان سلسلي ۾ کين هر وقت پارٽي قيادت سان رابطن ۾ رهڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي پارٽي ذريعن موجب ليگي قيادت اپوزيشن اتحاد ۾ شامل پارٽين ۽ آزاد ميمبرن کي به لاهور پهچڻ جي درخواست ڪئي آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پنجاب جي گورنر طرفان وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهجي ٿو ان کان علاوه پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ به جمع ڪرائي سگهجي ٿي ذريعن موجب بي اعتمادي رٿ تي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ٻنهي آپشنن کي نظر ۾ رکندي پنجاب اسيمبلي جي ليگي ميمبرن کي ٻئي حڪم ملڻ تائين لاهور ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو