سکر : آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پاڪستان جي صدر جو سکر ۽ خيرپور جو دورو،

سکر : آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پاڪستان جي صدر جو سکر ۽ خيرپور جو دورو، عورتن جي ڀلائي، نياڻين جي بهتر تعليم ۽ برسات متاثرن ۾ ڪمبل ورهايا ويا. تفصيل موجب آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پاڪستان جي صدر ۽ فرسٽ وومين جي اڳوڻي صدر ميڊم شارمين هدايت ﷲ سکر ۾ قائم ٻن اسڪول برانچن ۽ خيرپور ۾ قائم اسپتال جو دورو ڪيو، اسڪول انتظاميان ۽ اسڪول جي شاگردياڻين گلن جا تحفا پيش ڪيا. ميڊم شارمين هدايت خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پوري ملڪ ۾ 50 کان مٿي اسڪول، اسپتالون ۽ ٻيا فلاحي ادارا قائم آهن جن ۾ عورتن جو اعلاج ۽ نياڻين جي تعليم جو بندوبست ٿيل آهي. هن وڌيڪ چيو تہ آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پاڪستان جي پهرين عورتن جي تنظيم آهي جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين عورتن جي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اسان جي ڪوشش آهي تہ اسڪولن کي اپگريڊ ڪري ڪاليج قائم ڪريون ۽ وقت جي حالات کي نظر ۾ رکندي ووڪيشنل تعليم ۽ هنري سکيا پڻ ڏيون. ڪجھ مهينا اڳ سنڌ ۾ قدرتي آفت برسات تباهي آڻي ڇڏي هزارين گھر تباہ ٿيا ماڻھون گهرن کان بي گھر آھن اسان جي تنظيم برسات دوران ۽ اڄ تائين متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڪمبل، دوائون، راشن ۽ استعمال لاءِ ٿانون ڏنا آهن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا تہ عورتن جي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪري تہ جيئن ٻيھر معمولات زندگي ڏانهن وڌي سگهجي دوري دوران چيئر پرسن يوٿ ميڊم ڪرن ۽ اپوا اسڪول سکر جي پرنسپال ميڊم عابده اشفاق ميمڻ ، اپوا اسڪول جونيئر برانچ جي هيڊ مسٽرس ميڊم شهناز پڻ گڏ هيون

پنھنجي راءِ لکو