22

ملتان ٽيسٽ: قومي ٽيم هر ميدان ۾ ناڪام، انگلينڊ هٿان بدترين شڪست

 انگلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرئين مقابلي ۾ پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي. ملتان ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن ميزبان ٽيم پنهنجي ٻي اننگز 152 رنسن ڇهن وڪيٽن جي نقصان تان شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 55 هين اوور ۾ 220 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان ٻي اننگز سلمان علي آغا 63 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته عامر جمال 55 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، شاهين آفريدي 10 ۽ نسيم شاه ڇهه رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، ابرار احمد بخار ۾ مبتلا هئڻ سبب بيٽنگ لاءِ نه اچي سگهيو. انگلينڊ جي جيڪ ليچ چار، برائيڊن ڪرس ۽ گس ايٽنڪسن ٻه، ٻه جڏهن ته ڪرس ووڪس هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ انگلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 150 اوورز کيڏي ست وڪيٽن جي نقصان تي 823 رنسن تي پنهنجي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي، مهمان ٽيم جي هيري بروڪ 317 ۽ جو روٽ 262 رنسون ٺاهيون هيون، انگلينڊ پهرين اننگز ۾ پاڪستان خلاف 267 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي. پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين جي مدد سان 556 رنسون اسڪور ڪيون هيون. ملتان ٽيسٽ ۾تاريخي اننگز کيڏندي ٽرپل سينچري اسڪور ڪندڙ انگلش بيٽر هيري بروڪ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو . پاڪستان خلاف ٽن ميچن جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ انگلينڊ کي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي، سيريز جي ٻي ميچ اڱاري کان ملتان ۾ ئي کيڏي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو