ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ موسم خشڪ ۽ راتيون سرد رهڻ جو امڪان آهي،موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ هجڻ جو امڪان آهي،موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته صبح جو هواءِ ۾ نميءَ جي شرح 50 کان 60 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شام جي وقت ۾ هوا ۾ نمي جي شرح 30 کان 40 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي،موسميات کاتي موجب شهر ۾ اتر اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ اولهه سان هوائون هلنديون رهنديون
