تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي ميمبرن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، هڪ طرف اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف حڪومت مجبور ڪري رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا جا خدشا دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان سان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي غور ڪيو ويو، پ پ ۽ جي يو آءِ جي ٺهراءُ تي به غور ڪيو ويو. اسلام آباد: اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان صلاح مشورا ڪيا ويا، حڪومتي وفد حمايتي ميمبرن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. مولانا فضل الرحمان آئيني ترميم ۾ شامل ڪيترن ئي نقطن تي اختلاف جو به ذڪر ڪيو، جنهن تي وزيراعظم مولانا فضل الرحمان کي آئيني ترميم جي حمايت لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن چيو ته پي ٽي آءِ سان به وڌيڪ مشاورت ڪئي وڃي. مولانا فضل الرحمان حڪومتي وفد کي فوري طور تي ڪو به يقين ڏيارڻ کان پاسو ڪندي چيو ته هو پارٽي کي وڌيڪ مشاورت کانپوءِ فيصلي کان آگاهه ڪندو ۽ حڪومت کي تجويز ڏني ته آئيني ترميم ۾ جلد بازي نه ڪري.