گهوٽڪي :جي ڪچي وارن علائقن ۾ ابابيل فائيو ڊرون ميزائل سسٽم ذريعي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو،ايراني ڪمپني طرفان ابابيل فائيو ڊرون ميزائل سسٽم ذريعي ڊيمو ڪري ڏيکاريو ويو،ڊيمو ذريعي سومر شر ۽ نظرو ناريجو جي ٺڪاڻن جا ويڊيو به ورتا ويا،ابابيل فائيو ڊرون ميزائل سسٽم 2 ڪلوميٽرن جي اونچائي کان حدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو،ابابيل فائيو ڊرون ميزائل سسٽم 3 ڪلاڪ فِضاء ۾ رھي حدف کي ڳولي سگهي ٿو،ابابيل ڊرون ميزائل سسٽم جي ڪنٽرول اينڊ ڪمانڊ سسٽم گاڏي 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي کان ڊرون کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سگھ رکي ٿي،ابابيل ڊرون ميزائل سسٽم ذريعي پوليس بنا نقصان جي ڏوھارين جو خاتمو آڻي سگهندي
