نيويارڪ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته بي جي پي اڳواڻ سندس مٿي جي قيمت 2 ڪروڙ رپيا رکي آهي،آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري مودي کي گجرات جو قصائي چوڻ واري بيان جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارتي وزيراعظم بابت تاريخي حقيقت ورجائي وئي آهي،بلاول ڀٽو چيو ته بي جي پي اڳواڻ سندس مٿي جي قيمت 2 ڪروڙ رپيا رکي آهي، هي شرمناڪ عمل اتر پرديش جي بي جي پي اڳواڻ منوپول بنسل ڪيو آهي،
