ڪنڌڪوٽ :ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران ضلعي ۾ وڌندڙ ڪرائم ۽ بد امني جي خلاف نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران ضلعي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني اغوا، موٽر سائيڪل چوري، اسٽريٽ ڪرائيم جي خلاف ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھرين ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران ضلعي ۾ وڌندڙ ڪرائم ۽ بد امني جي خلاف نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پنن فلڪس ۽ پمفليٽ کڻي ڪشمور پوليس انتظاميا جي نااهلي خلاف نعريبازي ڪئي ريلي ۾ شريڪ ھيٺين مقررين خطاب ڪيو جنهن ۾ حافظ نصرﷲ چنا نائب امير جماعت اسلامي سنڌ، خطاب غلام مصطفي ميراڻي امير جماعت ضلع ڪشمور، افضل عطاء ڪلوڙ امير جماعت اسلامي ڪشمور، حاجي عبدالفتاح کوسو، سيف الله، دلي جان مزاري،عبدالسلام کوسو لطف ﷲ جکراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي چوريون، ڦرون، اغوا ڀنگ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ڌاڙيلن 4 مهينن ۾ 18 ڄڻن کي اغوا ڪيو چور ڏينهن جي روشني ۾ شهر يا ڳوٺن ۾ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي وڄن ٿا شهر مان ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو بدامني ايتري ته وڌي وئي آهي جو شهري پنهنجي گهرن ۾ به غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳا آهن پر انتظاميا جي ڪنن تي جوء نٿي رينگي جماعت اسلامي هن ڏکئي وقت ۾ ڪشمور جي عوام سان گڏ آهي

پنھنجي راءِ لکو