ڪنڌڪوٽ :رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ لڳ ڪشمور پوليس جو ڪچي م مغوين جي بازيابي لاء آپريشن ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل مزاري برادري جا ٻھ نوجوان بازياب ڪرائڻ جي دعوا مغوي ڊيل تحت آزاد ٿي آيا آهن زريعا مغوين جي گهر م خوشي جھيڙو ماحول بڻجي ويو جلد ٻيا به مغوي بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪرايو ويندو ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ ،تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م مغوين جي بازيابي لاء ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ جي ھدايتن مختلف ٿاڻن جي پوليس مغوين جي بازيابي لاء دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي م ڪچي م ڏوھارين جي خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو جڏهن ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ جي دوران ڏوھاري مغوين کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ڪشمور پوليس ھڪ مھينو اڳ مزاري برادري جا ٻھ نوجوان صاحب مزاري ء ارصلاح مزاري کي بازياب ڪرائي ورتو ھوڏانھن ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ چيو ته مغوين جي بازيابي تائين اسان جي مڪمل ٽيم ڪچي م لٿل آهي ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن دراني مھر گبلو مياڻي ء ڪچن وارن علائقن م ڪيو پيو وڃي ھن وڌيڪ چيو ٻن مغوين کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ تي اسان کي اطلاع مليو جيڪو دراني مھر ء اسپيشل ٽيم جوڙي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي م پوليس ء ڏوھارين م مقابلو ٿيو ڪشمور پوليس جي جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوھاري مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو ٻئي طرف زريعن موجب ٻن مغوين صاحب خان مزاري ء ارصلاح مزاري کي ڊيل ء ڀنگ زريعي آزاد ڪرائي ورتو ڪو به مقابلو نه ٿيو آهي ٻن مغوين جي بازياب ٿيڻ تي مغوين جي گهر م خوشي جھيڙو ماحول بڻجي ويو آهي
