سپريم ڪورٽ نوڪري مان هٽايل ملازمن جي بحالي جون درخواستون آئيني بينچز ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل وسيم سجاد چيو ته پرسڪون زندگي هر شهري جو آئيني حق آهي.جسٽس منصور علي شاهه وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪيس ۾ آئيني سوال آهي، 26هين آئيني ترميم ۾ ڇا چيو ويو آهي ته آئيني ڪيسز آئيني بينچ ٻڌندا. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اهو ڪيس اهم آهي آئيني بينچ ئي ٻڌندو.ياد رهي ته پيٽروليم واري وزارت جي 7 ملازمن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.