توشه خانه ڪيس ۾ گرفتار بشريٰ بي بي 9 مهينن کان پوءِ جيل مان آزاد

عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو، انهي موقعي تي جيل جي ٻاهران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي. اسلام آباد ۾ اسپيشل جج سينٽرل توشه خانه ٽو ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو پروانو جاري ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کان پوءِ مشال يوسفزئي سان گڏ عدالتي عملو بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو ليٽر کڻي  اڊيالا جيل پهتو. انتظاميه ليٽر ملڻ کان پوءِ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي، بشريٰ بي بي جيل کان ٻاهر نڪري اڇي رنگ جي لينڊ ڪروزر ۾ ويهي گهر ڏانهن روانو ٿي وئي. انهي موقعي تي اڊيالا جيل جي ٻاهران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي ۽ پوليس جا وڏا دستا اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر 5 تي مقرر هئا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. بشريٰ بي بي گڏيل طور تي 9 مهينن کان جيل ۾ رهي، کيس هلندڙ سال 31 جنوري تي توشه خانه ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ٻڏائي وئي هئي.