اسلام آباد پوليس بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل جي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ورتو. جوائنٽ سيڪريٽري سينيٽ جميل احمد جي مدعيت ۾ سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ سردار اختر مينگل سميت ڇهن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به لڳايا ويا آهن. ڪيس جي متن موجب اختر مينگل سان گڏ ٻين 5 ڄڻن هٿياربند ٿي سينيٽ هال ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. مير جهانزيب مينگل، اختر نواز هٿياربند ٿي سيڪيورٽي اسٽاف کي ڌڪا ڏنا. جوابدارن زبردستي سينيٽ هال ۾ هٿيارن سميت داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم جي موقعي تي اختر مينگل کي سينيٽ گيلري مان ڪڍيو ويو هو. اختر مينگل صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مون کي عورت سيڪيورٽي اهلڪار گيلري مان ڪڍيو. مان پنهنجي پارٽي جي مغوي ميمبرن سامهون ويٺل هئس مون سڀني جي چوري پڪڙي ته حڪومتي وزيرن جا پگهر نڪري ويا. بي اين پي جو قاسم رونجهو ۽ نسيمه احسان مبينه باغي ميمبرن ۾ شامل آهن، انهن پارٽي جي هدايتن جي ابتڙ آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي. جنهن تي سردار اختر مينگل پارٽي جي ٻنهي سينيٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.