لاهور: پنجاب جو چيف سيڪريٽري بدلي، آءِ جي به عهدو ڇڏي ڏنو

لاهور: وفاقي سرڪار پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل کي بدلي ڪري ڇڏيو جڏهن ته آءِ جي پوليس به پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو آهي،
پنجاب ۾ عبدالله خان سنبل کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي،عبدالله خان سنبل جو تعلق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 23هين ڪامن سان آهي جيڪو فنانس ۽ ايڊمنسٽريشن جي شعبن جو وڏو تجربو رکي ٿو. عبدالله خان سنبل مختلف کاتن ۾ اهم عهدن تي خدمتن کان علاوه ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ناڻي بابت سيڪريٽري ۽ ڪمشنر لاهور جا فرض به انجام ڏئي چڪو آهي،پنجاب جو نئون چيف سيڪريٽري عبدالله خان سنبل سيڪريٽري هائر ايجوڪيشن، سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڪمشنر ساهيوال جي عهدن تي به مقرر رهيو آهي،ٻئي طرف آءِ جي پنجاب فيصل شهڪار پنهنجي عهدي جي چارج ڇڏي ڏني آهي جنهن کان پوءِ هو گڏيل قومن ۾ بطور پوليس جي ايڊوائيزر طور چارج سنڀاليندو. پنجاب جي آءِ جي پوليس طرفان عهدو ڇڏڻ جي حوالي سان رپورٽ سيڪريٽري سروس ڏانهن اماڻي وئي آهي جنهن کان پوءِ غلام رسول زاهد کي وقتي آءِ جي پنجاب جي ذميواري ڏني وئي آهي،غلام رسول زاهد ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن پنجاب مقرر آهي سندس تعلق پوليس سروس آف پاڪستان جي 19هين ڪامن سان آهي. ايڊيشنل آءِ جي غلام رسول زاهد 1991ع ۾ پوليس سروس آف پاڪستان جوائن ڪئي هئي

پنھنجي راءِ لکو