وزيراعظم شهباز شريف 31 آڪٽوبر تي قطر جو دورو ڪندو

سفارتي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي، شهباز شريف دوحا ۾ پاڪستاني نوادرات، فن ۽ ثقافت جي نمائش جو افتتاح ڪندو. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان به ملاقاتون ڪندو. سفارتي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قطري سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو ورتو ويندو.