تفصيل موجب ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ چين جي نائب ناڻي واري وزير ليائو من سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ چين جي سهڪار تي شڪرگذاري جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان چين جي معاشي سڌارن مان سکڻ لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ برقي گاڏيون متعارف ڪرائڻ جي BYD جي فيصلي جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت چين جي مارڪيٽ ۾ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن لاءِ مالي وسيلن ۾ تنوع آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيني مزدورن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جنهن تي چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان چين کي ڪرنسي سوپ معاهدي جي حد وڌائي 40 ارب يوان ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي ادائگي جي نظام کي ضم ڪرڻ جي ضرورت آهي.