سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس اڄ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيندو

تفصيل موجب نئين چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ججن جو فل ڪورٽ اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، اجلاس اڄ 1 وڳي ٿيندو. ٻئي طرف سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس 8 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي ججن جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ چيف جسٽس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي جوڙجڪ ڪندي جسٽس منيب اختر کي ٻيهر 3 رڪني ڪميٽي ۾ شامل ڪيو هو، جڏهن ته جسٽس سيد منصور علي شاهه به ٽي رڪني ڪميٽي جو ميمبر رهيو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منيب اختر کي هٽائي جسٽس امين الدين خان کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو. ري آرگنائيزيشن سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 ۾ ڪيل تبديلين جي پٺيان آهي، جيڪو چيف جسٽس کي ڪميٽي جي ميمبرن جي چونڊ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو. 2 ڏينهن اڳ چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلو ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو اسٽريمنگ ذريعي عوام تائين پهچندي.