لاهور: عامر ذوالفقار خان کي پنجاب جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن عامر ذوالفقار خان کي بطور آءِ جي پنجاب مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گريڊ 21 جو آفيسر عامر ذوالفقار ان کان اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف مقرر هو،محمد عامر ذوالفقار خان جو تعلق پوليس سروس آف پاڪستان جي 19 ڪامن سان آهي. محمد عامر ذوالفقار ان کان اڳ آءِ جي نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس، آءِ جي اسلام آباد پوليس به رهي چڪو آهي،ان کان علاوه ايڊيشنل آءِ جي آپريشن پنجاب به رهي چڪو آهي. محمد عامر ذوالفقار 1991ع ۾ بطور اي ايس پي پوليس سروس پاڪستان جوائن ڪئي،ياد رهي ته آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار پنهنجي عهدي جو چارج ڇڏي ڏنو هو جنهن کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي غلام رسول زاهد کي وقتي آءِ جي پنجاب پوليس مقرر ڪيو ويو هو
