مبينا غفلت سبب مريض فوت، 3 ڊاڪٽر برطرف

ان خبر تي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ساهيوال واقعي جو نوٽيس وٺندي 3 ڊاڪٽرن کي لاپرواهي تي برطرف ڪري ڇڏيو.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي هدايت تي واقعي جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر رائو رياض جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي.ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت فوت ٿي وئي، وارثن وڏي وزير، صحت واري وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون جي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت فوت ٿي وئي.فوت ٿيل عورت ننڍڙا ٻار جي ماءُ هئي ۽ ٻئي ٻار جي پيدائش کان اڳ ئي فوت ٿي وئي هئي.وارثن الزام هنيو آهي ته کين گهر ڀرسان خانگي اسپتال ۾ چيڪ اپ لاءِ آندو ويو، جتي غلط انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن سبب عورت فوت ٿي وئي.ان حوالي سان خانگي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته متاثر عورت جي حالت اڳ ئي انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي، کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.