تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ خان آفريدي تڪرار جي حل لاءِ متبادل ڪميٽي جي جوڙجڪ ۾ تبديلي ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه کي اي ڊي آر ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس وحيد ڪميٽي جا ميمبر هوندا.سپريم ڪورٽ چيو ته نوٽيفڪيشن جي ڪاپي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي موڪلي وئي آهي.ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ آگسٽ 2024ع ۾ ٽاسڪ فورس فار متبادل تڪرار جي حل لاءِ جوڙي هئي.لا اينڊ جسٽس ڪميشن طرفان 22 جولاءِ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جسٽس منصور جي ٽاسڪ فورس جي ميمبرشپ ختم ڪري جسٽس يحيٰ خان آفريدي کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو.ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا.