اسسٽنٽ ڪمشنر ناظم آباد حازم بنگوار کي عهدي تان ڇو هٽايو ويو، سبب سامهون اچي ويو؟

تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ناظم آباد حازم بنگوار پاران عدالتي حڪم تي عملدرآمد پسند نه آيو.اسسٽنٽ ڪمشنر ناظم آباد جي بدلي تي ڪمشنر ڪراچي به حيران، چيف سيڪريٽري سنڌ تبادلي کان اڳ ڪمشنر ڪراچي کي اعتماد ۾ نه ورتو.اسسٽنٽ ڪمشنر ناظم آباد عدالت جي حڪم تي ڊپٽي سيڪريٽري زاهد جوڻيجو ۽ فاطمه صائمه جي سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪرائڻ چاهي ٿي، ڊپٽي سيڪريٽري زاهد جوڻيجو ۽ فاطمه صائمه سرڪاري رهائشگاهه تي قبضو ڪري ورتو آهي.اسسٽنٽ ڪمشنر بنگوار عدالت جي حڪم تي ٻن آفيسرن کي سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو هو.ٻئي آفيسر ٻن سالن کان ڪمشنر هائوس جي سرڪاري فليٽ ۾ غير قانوني طور رهائش پذير هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمشنر ڪراچي جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ کي عدالتي حڪم تي عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.